ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته 2018ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪري چونڊون کٽيندڙن کي ڪراچي جي عوام ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پيپلز پارٽي شهر جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، اسان 100 کان وڌيڪ يونين ڪائونسلن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، هن چيو ته ميئر ڪا هڪ جماعت نه ٿي آڻي سگھي،  اهو به طئه ٿيل آهي ته پي ٽي آءِ  سان ميئر لاءِ ڳالهه نه ڪئي ويندي. سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي کي به مبارڪون هجن، هنن  وڏي محنت ڪئي،  جنهن ڪري پيپلز پارٽي کان ٿورو ئي پوئتي رهيا. باقي پي ٽي آءِ جي ميئر جي ٻنهي اميدوارن کي شڪست ملي آهي، اهو تاثر غلط آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي مان  کٽي نٿي سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي خواهش هئي ته ايم ڪيو ايم بائڪاٽ نه ڪري پر ايم ڪيو ايم سياسي جماعت آهي کين بائيڪاٽ ڪرڻ بهتر لڳو، تڏهن ئي بائڪاٽ جو اعلان ڪيو  ويو. احتجاج سندن حق آهي،  هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ سڀني پارٽين سان ڳالهايو ويندو پر پي ٽي آءِ سان نه ڳالهائينداسين، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي کانسواءِ 25 ٻيا اميدوار به ڪامياب ٿيا آهن، مخصوص سيٽن تي به اسان جا وڌيڪ اميدوار ڪامياب ٿيندا، مڪمل نتيجا اچڻ بعد اسان انهي پوزيشن تي هونداسين ته ميئر پنهنجو آڻيون، هن چيو  ته جماعت اسلامي ۽ پي ٽي  آءِ اتحاد ڪن ته شايد ممڪن ٿي سگھي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊي سيز ذريعي نتيجا تبديل ڪرڻ ممڪن ناهن، منهنجي ڀاءُ به هارايو آهي،هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ پوري صوبي جو وزيراعليٰ آهي، هو اڳ ۾ به  جماعت اسلامي وٽ ويو،  هاڻي به وڃي سگھي ٿو، هن وڌيڪي چيو ته ووٽرن جي شرح گھٽ هئي پر ايتري خراب به نه هئي، 7 مهينن کان چونڊون رولڙي ۾ هيون ان ڪري اميدوار به ٻڏتر ۾ هئا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نجمي عالم سينيئر ڪارڪن آهي سندس نالو به ميئر لاءِ  غور هيٺ اچي سگھي ٿو، جڏهن ته خليل هوت ۽ ڪرم الله وقاضي تي به ويچار هلي پيو   هوڏانهن صوبائي وزير ناصر شاھ جو چوڻ هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد مان پي ٽي آءِ  جو خاتمو ٿي ويو آهي، ڪراچي جي ميئر جو اميدوار خرم شير زمان ايم پي اي هوندي يوسي جي سيٽ به هارائي ويو، مڪاني چونڊن ۾ عمران خان جو بيانيو  هارائي چُڪو آهي، خانگي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته 16 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جا 2 کان 3 سيڪڙو اميدوار پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ کٽيا آهن، ميهڙ ۾ لياقت جتوئي جي ڪري پي ٽي آءِ کي ڪاميابي ملي آهي، هن چيو ته وزيراعليٰ  مراد علي شاھ ۽ مون حافظ نعيم سان فون تي ڳالهايو آهي ۽ هاڻي ميڊيا ذريعي به کيس کٽڻ تي مبارڪون ڏيون ٿا، ميئر جي چونڊ لاءِ ڪنهن جماعت سان اتحاد جي ضروت پئي ته جماعت اسلامي اسان جي پهرين چوائيس (اوليت) هوندي. ٻئي طرف سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي  ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ  جو سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر خرم شير زمان پيپلز پارٽي جي ڪارڪن نجمي عالم کان شڪست کاڌي آهي، ان مان ئي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته جيڪو شخص 2018 ۾ ايم پي اي چونڊرايو ويو اهو يوسي به کٽي نه ٿو سگھي.