ڪراچي: مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ پارٽين کي مخصوص سيٽون به ملي ويون، 93 سيٽون کڻندڙ پيپلز پارٽي  کي 49  مخصوص سيٽون  ملڻ بعد ٽوٽل سيٽون 142  ٿي ويون ، جڏھن ته جماعت اسلامي کي 86 سيٽن تي ڪاميابي سان گڏ 47  مخصوص  سيٽون به ملي ويون، جنهن بعد سندن 133 سيٽون ٿي ويون، 40 سيٽون کٽيندڙ پي ٽي آءَ کي 20 مخصوص  سيٽون ملڻ بعد انگ 60 تي پهتو، جڏھن ته نواز ليگ کي 7 سيٽن تي 2 مخصوص  سيٽون ملڻ کانپوءِ  تعداد 9 ٿي ويو، جي يو آءِ  ۽ ٽي ايل پي  کي ھڪ هڪ خاص سيٽ ملي ، ايم ڪيو ايم حقيقي ھڪ سيٽ کٽڻ سبب  مخصوص سيٽ حاصل نه ڪري سگھي، مختلف پارٽين پاران 235 سيٽون حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ ڪي ايم سي جون سيٽون 356 ٿي ويون، واضح رهي ته  عورتن، معذورن، نوجوانن، مزدورن  اقليتن ۽ کدڙن فقيرن لاءِ الڳ  سيٽون مختص ڪيون ويون آهن.