ڀٽ شاهه ويجهو قومي شاهراهه تي آئل ٽينڪر کي لڳل باهه ٻن آئل ٽينڪرز ۽ پيٽرول پمپ کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي
باهه لڳڻ سبب پمپ جو ڪجهه حصو سڙي ويو، باهه سبب آئل ٽينڪر جو ڊرائيور سجاد دراني بهه سڙي زخمي ٿي پيو آهي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي
ٻڌايو وڃي ٿو ته آئل ٽينڪر مان پمپ جو عملو تيل لاهي رهيو هو ته اوچتو باهه وڪوڙي وئي
فائر برگيڊ عملو باهه وسائڻ ۾ رڌل آهي، جڏهن ته خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن ترت باهه تي ضابطو نه آيو ته وڌيڪ نقصان ٿيندو