سستو اٽو وٺڻ پهتل اڌڙوٽ لتاڙجي فوت: 3عورتن جون ڄنگهون ڀڄي پيون

0
472

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مهانگو ٿي ويل اٽو ملڻ به مشڪل ٿي ويو، غريب طبقو اٽي لَپ لاءِ دربدر آهي

ميرپورخاص ۾ سرڪاري اسٽال تان سستو اٽو وٺڻ لاءِ آيل 9 ٻارن جو پيءُ هرسنگهه ڪولهي لتاڙجي فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن لاش رکي ڌرڻو پڻ هنيو

سڪرنڊ ۾ سستو اٽو وٺڻ لاءِ خلق پهتي، عورتن هڪٻئي کي ڌڪا ڏينديون رهيون، هڪ نينگريءَ سميت 2 عورتون لتاڙجي زخمي ٿي پيون، ٻڌايو پيو وڃي ته عورتن جون ڄنگهون ڀڃي پيون آهن

سنڌ حڪومت ۽ مقامي انتظاميا جي لاپرواهي سبب صوبي جي اڪثر علائقن ۾ في ڪلو اٽو 150 کان 160 رپين تائين وڪرو ٿي رهيو آهي

اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف صوفي فقير، پڊعيدن، ميرو خان، شهدادپور، شيخ ڀرڪيو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن

شهرين سنڌ حڪومت کان اٽي جو بحران ختم ڪري سرڪاري اگهه 65 رپين تي في ڪلو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي

حيدرآباد ۾ کير کانپوءِ مرغي جي اگهن ۾ به 100 رپيا واڌ ٿي وئي، جنهن بعد فارمي ڪڪڙ جو گوشت في ڪلو 600 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي