ڀٽ شاهه: آئل ٽينڪر کي خوفناڪ باهه، پيٽرول پمپ به زد ۾ اچي ويو: ڊرائيور زخمي

0
1241

ڀٽ شاهه ويجهو قومي شاهراهه تي آئل ٽينڪر کي لڳل باهه ٻن آئل ٽينڪرز ۽ پيٽرول پمپ کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي

باهه لڳڻ سبب پمپ جو ڪجهه حصو سڙي  ويو، باهه سبب آئل ٽينڪر جو ڊرائيور سجاد دراني بهه سڙي زخمي ٿي پيو آهي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ٻڌايو وڃي ٿو ته آئل ٽينڪر مان پمپ جو عملو تيل لاهي رهيو هو ته اوچتو باهه وڪوڙي وئي

 فائر برگيڊ عملو باهه وسائڻ ۾ رڌل آهي، جڏهن ته خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن ترت باهه تي ضابطو نه آيو ته وڌيڪ نقصان ٿيندو