سعودي عرب ۾ برسات کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال

0
291

سعودي عرب جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانيون ڀوڳيون پئجي رهيون آهن

 پرڏيهي خابرو اداري موجب برسات کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ سعودي عرب جي انتظاميا ايڪشن ۾ آئي ۽ ڀرپور ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو

پرڏيهي خابرو اداري موجب سول ڊفينس اهلڪارن گهرن ۾ ڦاٿل شهرين کي ٻيڙين ذريعي ٻي هنڌ منتقل ڪيو آهي

 مدينه منوره ۾ ٻوڏ ۾ ڦاٿل ٻن شهرين کي هيليڪاپٽر ذريعي باحفاظت ٻاهر ڪڍيو ويو آهي