موغاديشو: (م ڊ) صوماليا ۾ باليوڊا جو گورنر آپگهاتي حملي ۾ ذري تان بچي ويو پر ان حملي ۾ سندس باڊي گارڊ سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا. گورنر هڪ هوٽل مان ٻاهر اچي رهيو هو ته خودڪش بمبار پاڻ کي بارودي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. خوش قسمتي سان ان حملي ۾ گورنر محفوظ رهيو. ڪنهن به گروپ اڃا تائين حملي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي پر هن علائقي ۾ الشباب نالي اسلامي شدت پسند تنظيم خودڪش حملن ۽ بم ڌماڪن ۾ ملوث رهي آهي.