ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايس ايس پي اعجاز الدين ۽ سندس پٽ خلاف ڦرلٽ ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، نارٿ ناظم آباد ٿاڻي تي سپر مارٽ جي مالڪ شاهد نديم جي فرياد تي ايس ايس پي اعجاز الدين ۽ سندس پٽ شورش اعجاز ۽ ٻين تي ڦرلٽ ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته جوابدار شورش اعجاز سپر مارٽ جو سمورو سامان ڦر ڪيو، آواز اٿارڻ تي ايس ايس پي به ڌمڪيون ڏنيون. پوليس عدالتي حڪم تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي