رياض(م ڊ) سعودي عرب ۾ رمضان جو چنڊ نظر نه آيو، پهريون روزو اڱاري تي ٿيندو، پر اڄ وري چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي ويهي اعلان ڪندي، جڏهن ته ڪورونا وائرس جي ڪري تراويح نماز 20 رڪعتن مان ڪڍائي 10 رڪعتون ڪئي وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب جي چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اعلان ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ڪٿي به رمضان جو چنڊ نظر نه آيو آهي، فلڪياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪڪرن ۽ مٽي جي ڪري چنڊ نظر نه آيو، اڄ وري ڪاميٽي ويهندي ۽ چنڊ نظر اچڻ بابت اعلان ڪندي، 12 اپريل تي چنڊ نظر اچڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف سعودي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ڪورونا وائرس جي ڪري تراويح نماز 20 رڪعتن مان گهٽائي 10 رڪعتون ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، هاڻ سعودي عرب ۾ تراويح نماز 10 رڪعتن جي ادا ڪئي ويندي.