ريتي (ن پ ا ) ريتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ وزير شر ۾ شر برادريءَ جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو، فائرنگ، لٺيون لڳڻ سبب هڪ ڌر جي ٽن عورتن سميت 7ڄڻا ڀاڳيو شر، حاجي خان، صدام شر، مسمات گلان، عاربان، مسمات حضوران ۽ خادم زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ زخمي ڀاڳيو شر جو چوڻ هو ته 25 ايڪڙ زمين اسان جي آھي، بااثر معشوق شر، جمال الدين ۽ خان شر اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. هنن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ٽريڪٽر جا ٽائر ڦاڙي ڇڏيا ۽ بعد ۾ لٺيون هڻي اسان جا ستن گهر ڀاتين کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. واقعي بعد زخمين کي ڏهرڪي سرڪاري اسپتال پهچايو ويو، جتان ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار منتقل ڪيو ويو. ريتي پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ درج ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته باقاعدي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.