قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد باءِ پاس تي جھوپڙي اڏي ترسيل برسات متاثر صاحب ميراسي جي مبينا اغوا ٿيل 9 سالن جي نينگري صغريٰ عرف دعا ميراسي کي پوليس ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪري مورو مان بازياب ڪرائي ورتو آهي، پوليس موجب ڪارروائي دوران اغوا ۾ ملوث ٻن ڄنگهن کان معذور پينو فقير يونس چانڊيو کي گرفتار ڪري اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، نينگري صغريٰ عرف دعا ميراسي ٻڌايو ته کيس جوابدار يونس چانڊيو ڪپڙا وٺي ڏيڻ بھاني موٽر سائيڪل تي اغوا ڪيو، نينگري موجب جوابدار پھريان پنهنجي پڦي جي گهر وٺي ويو، جتي کيس گهران نڪري وڃڻ جو چيو ويو، جنهن بعد هو مورو وٺي وڃي هڪ هنڌ رھايو، جتي جوابدار پندو هو، گرفتار ڪيل جوابدار يونس چانڊيو ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته نينگري کي مون کنيو هو، جنهن بعد کيس مورو ۾ رهايو، هن چيو ته منهنجي سائيڪل جا ٻئي ٽائر پنڪچر ٿي ويا هئا، جنهن ڪري نينگري کي واپس مائٽن وٽ پهچائي نه سگهيس، نينگري جي پيءُ صاحب ميراسي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار وحشي آھي، معصوم ٻارن کي اغوا ڪري کين پنائيندو آھي، سندس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.