نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ ڳوٺ نواب مراد علي جي رھواسين رڪشا ڊرائيور برڪت رند عرف ڊگو جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي علي خان رند، زمان رند، الياس رند، ياسين، عبدالواحد ۽ ٻين چيو ته سندن نوجوان گذريل چئن سالن کان گوليمار جي رھواسڻ عورت حسينه ابڙو کي رڪشا تي کڻندو ھو ۽ جڏهن ته هن پنھنجا ڪرائي جا پئسا گھريا ته حسينه ابڙو چوري جو ڪوڙو الزام ھڻي کيس گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي، ھنن الزام هنيو ته نوجوان جي آزادي لاءِ 10 لک روپيا رشوت گھري پئي وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.