لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ بدامني، بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي اڪائونٽس آفيس مان ٻوڏ متاثرن جي سهائتا جا 7 لک رپيا چوري، جاچ شروع، ان ڏس ۾ شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم چورن بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي اڪائونٽس آفيس جا تالا ٽوڙي 7 لک رپيا چوري ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس ۽ فارنزڪ ٽيم پهچي واقعي بابت تفصيل ۽ فنگرپرنٽس وٺي ٻيون شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي،ان حوالي سان ڊينٽل ڪاليج جي پرنسپال يوسف شاهه ٻڌايو ته چوري ڪيل 7 لک رپيا ٻوڏ متاثرن جا سهائتا لاءِ رکيل هئا، اها رقم ڊاڪٽرن ۽ عملي پاڻ گڏ هئي، ڪجهه رقم ورهائي به چڪا آهيون. هن چيو ته صبح آياسين ته تالا ڀڳل هئا ۽ رقم غائب هئي. پرنسپال چيو ته برسات کانپوءِ سي سي ٽي ڪئميرائون خراب آهن، باقي پوليس واقعي واري هنڌ تان فنگر پرنٽس ورتا آهن. هوڏانهن  رحمت پور ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع تي معائنو ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، تمام جلد چورن جو پتو لڳائي روڪ رقم واپس ڪرائي ويندي.