نيويارڪ (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته پاڪستان جنهن موحولياتي تبديلي جو نقصان ڀوڳي رهيو آهي، ان ۾ پاڪستانين جو ڪوبه قصور ناهي، عالمي ماحولياتي تبديلي جا آمريڪا سوڌو امير ملڪ ذميوار آهن، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته اسانجو هڪ ئي پيغام آهي ته پاڪستاني عوام هن وقت ٻڏي رهيو آهي، ماحولياتي تبديلي جي تباهي کي نوجوان نسل ڀوڳي رهيو آهي، اسان جو فوڪس عوام کي رليف ڏيڻ آهي،هتي اچڻ جو مقصد ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو حصو ناهي، اسان سڀني کي هن مسئلي جو حل ڪڍڻو پوندو، وزيراعظم شهبازشريف جي فرانس جي صدر سان ٿيل ملاقات مثبت رهي،