ڇا دنيا جو حڪمرانن تي اعتماد نه ڪرڻ جو سبب ڪرپشن آھي؟

0
197
تخت لاھور جي ڪرسي ، عدليه جو امتحان

 ڪنھن به ملڪ جي ساک جو دارومدار ان جي حڪمرانن جي شخصيت سان لاڳاپيل ھوندو آھي، دنيا به شخصيتن کي ڏسي پوءِ ملڪن سان لاڳاپا رکڻ سان گڏ قدرتي آفتن ۾ تباھھ ٿيندڙ انھن ملڪن جي مالي اخلاقي مدد ڪندي آهي، جيئن 2005ع جي زلزلي ۾ دنيا پاڪستان جي  دل کولي روڪ رقم، کاڌي پيتي جي شين، ٽينٽ بسترن ڪمبلن سميت زندگي گذارڻ سان لاڳاپيل شين جا جھاز ڀري موڪليا، جيڪا امداد ھن وقت خوفناڪ برساتن جي ڪري  ٻوڏ جي شڪل ۾ آيل  تباھي ۾ نظر نه پئي اچي. ان جو ڪھڙو بنيادي سبب ٿي سگهي ٿو ان تي نظر وجهبي ته 2005ع ۾ جنرل پرويز مشرف جو دور ھو ۽ ھن وقت شھباز شريف جي اتحادي حڪومت آھي جنھن جي صرف ڪابينا ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ اھڙا وزير شامل آهن جن تي ڪرپشن بدعنوانين جا ڪيس نيب عدالتن ۾زير سماعت آھن. وزيراعظم شھباز شريف سميت اھي ضمانتن تي آھن جڏھن ته جيڪي پارٽيون حڪومت ۾ شامل آهن انھن جي سربراهن تي پڻ ڪرپشن جا ڪيس نيب عدالتن ۾ زير سماعت آھن. موجوده ٻوڏ ۾ سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي خاص طور تي دادو ، ڄامشورو ، قمبر شهدادڪوٽ سميت ٻين ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ جيڪا تباھي آئي آهي ان جو اندازو لڳائڻ ايترو آسان ناهي ليڪن گڏيل قومن جي اداري جي سيڪريٽري جنرل کان سواءِ ٻين ملڪن جا سربراهه متاثر علائقن جي دوري تي ناھن آيا ان جو بنيادي ڪارڻ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ھڪ سبب اھو سامھون اچي ٿو ته دنيا ماضي جي ڀيٽ ۾ ھن دفعي خاص طور تي شھباز شريف جي قيادت۾قائم ٿيل اتحادي حڪومت تي گھڻو اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار ان ڪري به ناھي ڇو ته 2010ع جي ٻوڏ وقت وفاق ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ھئي،يوسف رضا گيلاني وزيراعظم ھو جنھن تي ترڪي حڪومت کان ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ مليل ھار  پنھنجي زال کي ڏيڻ جو الزام ھو ، جڏهن ته پنجاب ۾ شھباز شريف جي حڪومت ھئي  جنھن تي الزام آهي ته ٻوڏ متاثرن جي امداد ۾ بدعنواني ڪئي وئي ھئي جنھن ۾ خاص طور تي روڪ رقم ۾ خيانت ڪرڻ جا اسڪينڊل بعد ۾ ميڊيا تي پڻ آيا،

جنھن جي ڪري ھن  ڀيري نه صرف دنيا جي پرڏيهي ملڪن مان سربراهه پاڪستان جي دوري تي نه آيا بلڪه ڪوبه ملڪ روڪ رقم ڏيڻ جي لاءِ به تيار نظر نه پيو اچي. جن به ملڪن ھن وقت تائين متاثرن جي امداد موڪلي آھي ته اھا کاڌ خوراڪ جي سامان سان گڏ ٽينٽ ، مڇر داني دوائن سميت باقي شيون شامل آھن جڏهن ته وزيراعظم شھباز شريف ، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بار بار دنيا کي اپيل ڪري رھيا آھن ته متاثرن جي سهائتا لاءِ کين روڪ رقم ڏياريو پر دنيا ان طرف سوچڻ لاءِ به تيار ناهي. ھتي اھو سوال پيدا ٿئي ٿو ته اھو پھريون ڀيرو آھي جو دنيا پاڪستان جي حڪمرانن جي مٿان اعتماد ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. شريف فيملي جا سعودي عرب ، قطر ، ترڪي سميت ڪافي ملڪن سان بهتر لاڳاپا آھن ليڪن انهن ملڪن به ھن دفعي موجوده حڪومت تي ان حوالي سان اعتماد ناهي ڪيو جنھن جو اعتراف وزيراعظم شھباز شريف پاڻ ڪري ڇڏيو آهي ته دنيا روڪ رقم ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، مان جنھن به ملڪ جي سربراهه سان ملاقات ڪريان ٿو ته اھي فقير سمجھن ٿا. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اسان جي حڪمرانن پاڻ ھٿ وٺي ملڪ جي ساک کي به متاثر ڪيو آھي جو ھاڻي پرڏيهي سربراهه ان حوالي سان اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ھن وقت جيڪا امداد ملي آھي ته اھا متاثرن ۾ تقسيم ٿيڻ بجاءِ بااثر ماڻهن جي فيڪٽرين،ڪارخانن ۽ گودامن مان ڇاپن جي دوران ملي ويون آهن. ڪجھه ڏينهن پھرين شھدادڪوٽ مان ڇاپي دوران اھڙو سامان مليو آهي جيڪو متاثرن کي ڏيڻ بجاءِ بااثرن جي قبضي ۾ ھو جنھن  به حڪمرانن سان گڏ ملڪ جي ساک کي به متاثر ڪيو آھي .

تازو متاثر علائقن جي دوري دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ وفاق کان 15 ارب روپين جي وزيراعظم پاران اعلانيل رقم نه ملڻ سان گڏ اھو به چيو ته اين ڊي ايم اي پاران کاڌ خوراڪ به نه پئي ڏني وڃي، ھو پاڻ ورھائي رھيا آھن. ان حوالي سان سوال پيدا ٿئي ٿو ته وفاق سنڌ حڪومت تي ڇو نه ٿو اعتماد ڪري جو اعلانيل رقم ھن وقت تائين جاري ناهي ڪئي وئي. پيپلزپارٽي وفاق ۾ حڪومت جو اھم حصو آهي حڪومت جي وھنوار ھلائڻ کان وٺي اھم فيصلن ۾ آصف زرداري کي پھرين اعتماد ۾ورتو ويندو آهي، جيڪڏهن واقعي وفاق کان سنڌ حڪومت کي اھا رقم ناهي ملي ته پوءِ ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وزيراعظم شھباز شريف کي ان حوالي سان شڪ پيدا ٿي ويو آهي ته اھا رقم ڪٿي متاثرن بجاءِ ڪرپشن جي نظر نه ٿئي، جيئن ماضي ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت تي ڪرپشن جا الزام لڳندا رهيا آهن. شھباز شريف ماضي۾ آصف زرداري تي الزام لڳائيندو رهيو هو پر اقتدار جي خاطر ھن وقت گڏ ھئڻ جي باوجود لڳي نه ٿو ته دلي طور تي گڏ آھن. ٻوڏ متاثرن جي تڪليفن سورن جو ھر روز ذڪر ٿي رھيو آھي ۽ ان وقت تائين اھو ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان جاري رھندو جيڪي دوائون ۽خوراڪ نه ملڻ  تي وفات ڪندا پيا وڃن،

ليڪن سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ جيڪا ڳالهه سامهون آئي آهي اھا لاڙڪاڻي ۾ متاثر شخص جي آھي جيڪو پنھنجون نياڻيون وڪڻڻ لاءِ ھوڪو ڏئي رھيو ھو  ته ٻوڏ ۾ سندس سڀ ڪجھه لڙهي ويو آهي، ٻچن کي کارائڻ لاءِ ڪجھه به ناهي کين پيٽ بکيو نه ٿو ڏسي سگھان. متاثر شخص جي ان واقعي معاشري جي ھر شخص کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي ليڪن جيڪڏهن ڪنهن جو ضمير زنده ناهي ته اھو سنڌ حڪومت جو جنھن متاثر شخص سان رابطو ڪرڻ به مناسب نه سمجهو، ان کي پٿر دل کان وڌيڪ ڪھڙو لقب ڏئي سگھجي ٿو .ڇا سنڌ حڪومت جي  خزاني ۾ ايتري رقم ناهي جو ان قسم جي ماڻھن کي خوراڪ ڏئي جگر جي ٽڪرن کي وڪرو ڪرڻ واري انتھائي قدم کڻڻ کان روڪي سگھي. باقي سياسي قيادت جي دورن تي  ھڪ ڏينھن ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويندا. باقي وڏو وزير سيد مراد علي شاھھ خالي ھٿ کڻي پاڻ کي ان ڳالهه مان آجو ڪرڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري ٿو ته اسان ڄاڻي واڻي ھٿ وٺي پنھنجي صوبي کي ناھي ٻوڙيو، ليڪن وڏو وزير ان سوال جو ڪڏهن به جواب نه ڏيندو ته شروع ۾ برساتون پوڻ وقت منڇر ڍنڍ جا دروازا ڇونه کوليا ويا ته جيئن ان وقت پاڻي درياهه ۾ڇوڙ ڪري ھا. جڏهن منڇر ڍنڍ مڪمل حد کان مٿي چڙهي وئي ته پوءِ ان کي ڪٽ ڏئي شھرن توڙي ڳوٺن کي ٻوڙيو ويو، ٻيو اھو ته 2010ع کان وٺي ھن وقت تائين بندن کي مضبوط پڪو ڪرڻ لاءِ اربين رپين جي بجيٽ ڪٿي خرچ ڪئي وئي، بند مضبوط ڇونه ڪيا ويا صرف ڪاغذن ۾ ڪم ڏيکاري رقم ڪرپشن جي نظر ڇو ڪئي وئي.