نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو 77 هون اجلاس اڄ کان شروع ٿيندو، وزيراعظم شهبازشريف ۽ آمريڪي صدر بائيڊن ۾ ملاقات ٿيندي، پرڏيهي وزارت تصديق ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم يو اين سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪي صدر جي استقباليه ۾ شرڪت ڪندو، جتي وزيراعظم جي آمريڪي صدر بائيڊن سان به ڳالهه ٻولهه ٿيندي، جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي وزيراعظم شهبازشريف 23 سيپٽمبر تي خطاب ڪندو، وزيراعظم خطاب ۾ ٻوڏ سبب درپيش عالمي چيلنجز، ماحولياتي تبديلن، عالمي ۽ علائقائي تڪرارن ۽ ڪشمير تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف برطانوي راڻي ايلزبيٿ جي آخري رسمن ۾ شرڪت ۽ نوازشريف سان ملاقات کانپوءِ لنڊن کان آمريڪا پهچي ويو، جتي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شهبازشريف جمعي ڏينهن برطانوي راڻي جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ پهتو هو، وزيراعظم شهبازشريف ويسٽ منسٽر ايبي ۾ برطانوي راڻي جي آخري رسمن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، شهبازسريف ڇنڇر واري ڏينهن پارٽي قائد نوازشريف سان به لنڊن ۾ ملاقات ڪئي هئي.