راولپنڊي (م ڊ) چين آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي دوري جي موقعي تي انساني همدردي تحت پاڪستان لاءِ هنگامي بنيادن تي هڪ سئو ملين يئان امداد جو اعلان ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چين جي ٻن ڏينهن سرڪاري دوري تي آهي، دوري دوران آرمي چيف چين جي بچاءُ واري وزير سان ملاقات ڪئي. چين جي دفاع واري وزير طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين پاڪستان ۽ فوج سان پنهنجن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو آهي، چين پاڪستان ۾ ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين لاءِ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ تيار آهي. آءِ ايس پي آر موجب چين جي بچاءُ واري وزير ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج جي امدادي ۽ رليف وارن ڪمن کي پڻ ساراهيو جڏهن ته آرمي چيف چين جي دفاع واري وزير جي جذبن ۽ پاڪستان لاءِ چين جي حمايت جاري رکڻ تي پڻ ٿورا مڃيا. چين طرفان پاڪستان لاءِ انساني همدردي تحت هنگامي بنيادن تي سئو ملين يوآن امداد جو اعلان پڻ ڪيو. چيني حڪومت پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن لاءِ گڏيل طور پنج سئو ملين يوآن امداد ڏيندي جيڪا اٽڪل 15ارب 80 ڪروڙ پاڪستاني رُپيا ٿئي ٿي. آرمي چيف جي ڪوششن سان يو اي ايِ ۽ ٻين ملڪن وٽان به عالمي امداد آئي.