ڪراچي (م ڊ) پشاور کان دبئي ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام دوران مسافر سان بدتميزي ۽ خراب رويي سبب دبئي اختيارين مسافر کي حراست ۾ وٺي پاڪستان واپس موڪليو. هڪ رپورٽ موجب پشاور کان دبئي ويندڙ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (پي آءِ اي) جي اڏام پي ڪي 283 ۾ هڪ شخص سوار هو جنهن عملي کي چيو ته کيس هيٺ لاٿو وڃي. بعد ۾ ان شخص فلائيٽ دوران سيٽن کي لتون ۽ مڪون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيون ۽ جهاز جي دريءَ جي شيشي کي به نقصان پهچايو، جنهن سبب ٻين مسافرن ۾ خوف پکڙجي ويو. جهاز جي دبئي پهچڻ تي عملي مسافر کي سيڪيورٽي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد مقامي اختيارين پي آءِ اي انتظاميا کي اطلاع ڏنو جنهن مسافر کي واپس آڻڻ لاءِ اسلام آباد مان 2 رڪني ٽيم رواني ڪئي. واقعي جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جهاز جي عملو مسافر کي پرسڪون رهڻ جي صلاح ڏني پر عملي جي ميمبرن موجب مسافر اذان ڏني ۽ نماز پڙهڻ شروع ڪئي، جنهن بعد هو هيٺ ليٽي پيو. ترجمان جو چوڻ آهي ته اڏام دوران غير معمولي حرڪت ڪرڻ سبب ڪيبن عملي مسافر جا هٿ پير ٻڌي ڇڏيا هئا.