مورو/ٺارو شاهه (نمائندن وٽان) وڏو وزير ٿو اچي، ٽينٽ سٽي ۾ رھندڙ متاثرن لاءِ ماني ۽ مرغي جو بندوبست، ڊاڪٽرن، واپڊا آفيسرن سميت سياسي اڳواڻن جا جٿا پھچي ويا، خبر موجب مورو ۾ سرڪاري سطح تي قائم ٽينٽ سٽي ۾ وڏي وزير جي اچڻ واري امڪان سبب سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته انتظاميا ٽينٽ سٽي مورو ۾ رھندڙ متاثرن لاءِ ماني ۽ مرغي جو بندوبست ڪري ورتو، جڏهن ته ڊاڪٽرن کي گهرائي ميڊيڪل ڪيمپ لڳرائي ۽ واپڊا آفيسرن کي گهرائي ورتو، هوڏانهن وڏو وزير ٽينٽ سٽي جو دورو ڪرڻ بجاءِ ٻاھران آفيسرن کي ھٿ لوڏي روانو ٿي ويو، ان موقعي تي موجود متاثرن جو چوڻ ھو ته اسان کي ٽينٽ سٽي ۾ مھيني کان وڌيڪ عرصو ٿيو آهي پر ڪڏهن به اھڙا انتظام ناهن ڏٺا، هنن چيو ته انتظاميا ڪالهه اسان کي ماني به بھتر کارائي، نه ته رڳو چانور کارائي آنڊا ڦوڪيا ويا آھن، هنن چيو ته ڊاڪٽرن ۽ واپڊا عملدارن جون ٽيمون به پھتيون، هوڏانهن نوشھرو فيروز ۾ قومي شاهراھ تي قائم ٽينٽ سٽي ۾ وڏي وزير جي دوري سبب انتظاميا تحرڪ ۾ اچي وئي، اي سي ڀريا، مختيارڪار ڀريا ۽ مختلف کاتن جا عملدار ٽينٽ سٽي پهتا، جن مختلف هنڌن تان متاثرن کي آڻي ٽينٽ سٽي ۾ رهايو، جڏهن ته فوري طور متاثرن لاءِ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو ويو،