شادي لارج/ڪلوئي (ن پ ا) ايل بي او ڊي کي ڪٽ ڏيارڻ تان تڪرار برقرار آهي، بااثر ڌرين ۽ مظاهرين ۾ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب شادي لارج  مظاهرين سان ڳالهين لاءِ ايريا واٽر بورڊ بدين چيئرمين قبول کٽياڻ ۽ ڌرڻا ڪاميٽي جي ميمبرن نديم گجر حاجي علي دلواڻي قربان کوسو حامد راشدي ذولفقار شاه  ڌرڻي ۾ پهچي ڪاميٽي ٺاهي ڳالھيون ڪيون ٻنهي پاسي کان پنج رڪني ڪاميٽي جوڙي ڳالهين ۾ ارباب لطف جي ڀاءُ ارباب امان الله چيو ته زيرو پوائنٽ تان ڪنهن به صورت ۾ ڪٽ هڻڻ نه ڏينداسين اتان ڪٽ لڳو ته سڄو علائقو ٻڏي ويندو  ارباب امان الله تجويز ڏني ته شادي لارج ايل بي او ڊي سم نالي کي لڳل چائنا ڌڪو کان ويھه ويھه فٽ ٻنهي پاسن کان ٽوڙي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون جيڪا تجويز مظاهرين رد ڪندي چيو ته قدرتي لنگھه زيرو پوائنٽ وٽان آهي جتان ئي ڪٽ ڏيڻ سان پاڻي نڪرندو ايل بي او ڊي سم نالي ۾ لاٿ ايندي هي ته لالي پاپ پيا ڏيو، ڳالهين جي ناڪامي بعد ڪاميٽي جا ميمبر  روانا ٿي ويا. ٻئي طرف ڪلوئي ويجهو ايل بي او ڊي سم نالي جي آر ڊي 211 زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ هڻڻ جي حمايت ۽ مخالف ۾  مظاهرا ۽  ڌرڻا جاري رکيا ويا، نيوي موڙ وٽ ٻئي ڏينهن به آيل بي او ڊي سم نالي جي آر ڊي 211 زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ هڻڻ جي حمايت ۽ مخالف ۾ هزارين ماڻهن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي بدين ۽ ميرپورخاص ضلعن سان واسطو رکندڙن مير محمد بخش ٽالپر، نديم گجر ۽ ٻين چيو ته اسان جا سمورا علائقا ۽ گهر فصل پاڻي هيٺ آهن، ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن، پاڻي جا قدرتي لنگھه کولي پاڻي کي رستو ڏنو وڃي، هنن چيو ته هاڪڙو، پراڻ ڍوري ۽ ايل بي او ڊي جا لنگھه زيرو پوائنٽ وٽان بند ڪري اسان کي ٻوڙيو ويو آهي، لنگهن تان قبضا ختم ڪرائي بحال ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو، ٻئي طرف تعلقي ڪلوئي جي مقامي ماڻهن احتجاج ڪندي چيو ته اسان ايل بي او ڊي 211 زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڪنهن به صورت ۾ هڻڻ نه ڏينداسين، ڪٽ لڳڻ سان اسان جي هزارين ايڪڙ زمين ۽ لکين ماڻهو متاثر ٿيندا، ان موقعي تي ڪٽ جي مخالف ڪندڙ ڌرين جي اڳواڻن، سليم جوڻيجو، لياقت جتوئي، جاويد جت، عبد الله لنڊ، پوڙهو جوڻيجو بابو جان لنڊ ۽ ٻين چيو ته اسان هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، هنن چيو ته آر ڊي 211 وٽان ڪڏهن به ڪٽ ناهي ڏنو ويو، اڳتي پاڻي جو لنگھه نه آهي، جيڪڏهن ڪٽ ڏنو ويو ته ڪلوئي تعلقو ٻڏي ويندو، وري به پاڻي ايل بي او ڊي سم نالي ۾ ڇوڙ ٿيندو، هرو ڀرو ڪجھه ماڻهو ضد پيا ڪن،