ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ جي ڳوٺ ڪرم خان چانڊيو واسي ٻوڏ متاثرن جون ھڪ گھر جون ٻه پيرسن عورتون بک بدحالي ۽ گيسٽرو سبب فوت ٿي ويون آھن، فوتين ۾ مسمات درناز چانڊيو ۽ سندس ساھيڙي مسمات ڀانه خاتون شامل آھن، جڏھن ته ٻنھي عورتن جي مڙس غلام حيدر چانڊيو جي حالت به نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ٻن عورتن جي فوت ٿيڻ سبب انتھائي افسوس ناڪ صورتحال بڻجي وئي جڏھن ته ڪيمپ ۾ موجود ٻوڏ متاثرين روئيندا رھيا پر انتظاميه ڪو نوٽيس نه ورتو آھي فوتي عورتن مان ھڪ عورت مسمات درناز چانڊيو جيڪا صبح جي وقت فوت ٿي وئي ھئي جنھن جو لاش دفنائڻ لاء چندو ڪري ٻيڙي جي وسيلي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو آھي جڏھن ته ٻي عورت مسمات ڀانا رات دير سان فوت ٿيڻ ٿيڻ جي ڪري لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ڪيمپ تي پيل آھي جنھن کي اڄ صبح جو اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويندو.