گمبٽ/ ڪنب (نمائندن وٽان) گمبٽ ڀرسان روهڙي ڪئنال جو ڪٽ بند ڪري شهرن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ انتظامي سطح تي رڪاوٽون وجهڻ خلاف گمبٽ ۽ ڪنب ۾ هڙتال ڪئي وئي، سوين شهرين پپري پمپنگ اسٽيشن تي ڪئمپ قائم ڪري ورتي. انتظاميا به ٽن ضلعن جي پوليس ساڻ ڪري پهچي وئي. شهرين پاران گرفتاريون ڏيڻ جو اعلان. احتجاجي ڪئمپ تي ويٺل شهرين ڪامريڊ نثار احمد ابڙو، فوجي عبدالطيف ناريجو، حاجي عبدالطيف شيخ، صفدر علي سهتو، ميان رازڏنو اڄڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سم نالي جي ڪٽ ۽ اوور فلو سبب کهڙا گمبٽ سميت ٻين ڳوٺن ۾ 5 کان 6 فوٽ بيٺل آهي. پيرڳوٺ کان وٺي سم نالي ۽ ٻين شاخن کي 13 ڪٽ لڳل آهن. اريگيشن اهي ڪٽ بند ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي. ڪليري ڍنڍ جي ڪٽ تباهي مچائي ڇڏي آهي، جتي انتظاميا وڃڻ لاءِ به تيار نه آهي. ايريگيشن انجنيئر واعدو ڪيو هو روهڙي ڪئنال جو ڪٽ بند ڪرائڻ کان اڳ غير قانوني سم نالن کي لڳل ڪٽ بند ڪرايا ويندا ۽ 10 جهٽا فوٽ وارا پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاء ڏنا ويندا پر انتظاميا معاهدا پورا ناهن ڪيا ۽ ٽن ضلعن خيرپور سکر ۽ نوابشاهه مان پوليس نفري گهرائي وئي آهي. انتظاميا حڪومتي ڌر جي دٻاءُ تي زبردستي روهڙي ڪئنال جو ڪٽ بند ڪرائي گمبٽ ۽ کهڙا کي ٻوڙائڻ چاهي ٿي. هنن واضح ته اهڙي تباهي هر گز برداشت نه ڪئي ويندي. هوڏانهن گمبٽ کهڙا ۽ ڊرٻ مهر شاهه واسين پاران جوڙيل پاڻي ڪاميٽي جي سڏ تي گمبٽ کهڙا ۽ ڊرٻ مهر شاهه ۾ اعلانيل شٽر بند هڙتال جي سڏ تي کهڙا ۾ پڻ هڙتال ڪئي وئي، پاڻي کان بچي ويل شاهي بازار، رپڙي روڊ ۽ ٻين هنڌن تي شهرين پنهنجا دڪان بند رکي مڪمل هڙتال ڪئي،