اسلام آباد: پي ڊي ايم سربراهه فضل الرحمان پي ٽي آءِ جي 4 ملازمن ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته عمران خان 351 غير ملڪي ڪمپنين ۽ 34 غير ملڪي شهرين کان غير قانوني فنڊنگ ورتي، 16 اڪائونٽ اليڪشن ڪميشن کان لڪايا ويا، هن اسرائيل، ڀارت کان به مدد ورتي آهي، فضل الرحمان چيو ته هڪ مجرم جيڪو رنڱيل هٿن سان پڪڙيو ويو آهي، اهو فوت ٿيل ساٿين تي ملبو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن اهو مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ جي عهديدارن جون فوري طور تي گرفتاريون عمل ۾ آڻڻ گهرجن، پارٽي جي 4 ملازمن جي نجي اڪائونٽن ۾ ملڪ اندران ۽ ٻاهران پيسو آيو، انهن کي گرفتار ڪري وڌيڪ تفصيل ورتا وڃن.