حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ٽربيونل آر اوز پاران مختلف سبب ڄاڻائي فارم رد ڪرڻ خلاف داخل ڌار ڌار درخواستن تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي کين اڄ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. قاسم آباد، لطيف  آباد، سٽي ۽ ٻهراڙي واري تعلقي جي مختلف يونين ڪاميٽين سان تعلق رکندڙ آفاق احمد، محمد علي ۽ ٻين وڪيلن معرفت سيشن جج جي عدالت ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواستون داخل ڪرايون. درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لاڳاپيل آر اوز سندن بنا جواز فارم رد ڪري اليڪشن کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي ٽربيونل معاملي جو نوٽيس وٺي. وڪيلن ٽربيونل کي آگاهي ڏني ته ڪجهه آر اوز سياسي ونگار وهندي اميدوارن جا فارم رد ڪيا آهن جن خلاف ڪارروائي جو به حڪم ڏنو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ۽ چئني تعلقن جي آر اوز کي نوٽيس جاري ڪندي اڄ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.