حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ٽائون ڪاميٽي کڏڙو جي وارڊ نمبر 5 تي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار ۽ سندس ڪورنگ اميدوار جا نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيا آهن. کڏڙو سان تعلق رکندڙ پ پ اميدوا مير مقبول احمد  ٽالپر وڪيل معرفت جي ڊي اي اميدوار شان عالم جوڻيجو ۽ ڪورننگ اميدوار سندس ڀاءُ محمد مراد جوڻيجو خلاف درخواست داخل ڪرائي ھئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڄاڻايل وارڊ تي نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ ٻنهي ڀائرن جو ووٽ ئي داخل ناهي تنهن باوجود سندن آر او فارم بحال ڪري ڇڏيا آهن. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد ڪريم خان آغا ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ڄاڻايل معاملي جي نشاندهي ڪندي انهن سمورن ثبوتن سان گڏ لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر جي آفيس ۾ شڪايتون به داخل ڪرايون پر ڊي آر او به سندن تدارڪ ناهي ڪيو جنهن بعد انهن هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو آهي. وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ڄاڻايل ٻنهي ڀائرن جو ووٽ وارڊ نمبر 2 ۾ داخل آهي ان لاءِ اليڪشن ڪميشن جي قانون موجب سندن نامزدگي فارم رد ڪيا وڃن. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ کڏڙو جي وارڊ نمبر 5 تان اليڪشن ۾ بيٺل جي ڊي اي جي اميدوار شان عالم جوڻيجو ۽ سندس ڀاءُ ڪورنگ اميدوار محمد مراد جوڻيجو جا فارم رد ڪيا جڏهن ته عدالت ساڳي وارڊ تي بيٺل پ پ اميدوار مير مقبول احمد ٽالپر جو فارم بحال رکڻ جو حڪم ڏنو.