تلهار (ن پ ا) تلهار شهر ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو وظيفو کڻندڙ عورتن پاران  ڊوائيس هولڊرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو، ان موقعي تي مسمات آمي، خيرالنسا زينت ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڊوائيس هولڊر اسان کي وظيفي جا پئسا نٿا ڏين، اسان کي مختلف طريقن سان رلايو پيو وڃي، ڊوائيس هولڊر اسان جي پئسن مان 3 سئو  کان پنج سئو رپين جي ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.