نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ٿاڻي جي حد سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ٻيلي کاتي جي بھمڻ پلاٽ واري ٻيلي ۾ لڳل سولر ٽيوب ويل تي نامعلوم ھٿياربندن چڙھائي ڪري  300 واٽ واريون 6 سولر  پليٽون چوري ڪري ويا. رابطو ڪرڻ تي ٻيلي کاتي جي عملدار گدا حسين ڀٽي ٻڌايو ته ٻيلي ۾ رهندڙ پکين، جانورن توڙي ٻيلي کي سرسبز رکڻ لاءِ سولر ٽيوب ويل لڳرايو هو جتان 300 واٽ واريون 6 سولر پليٽون نامعلوم چور چوري ڪري کڻي ويا آهن. واقعي جو اطلاع نئون ديرو ٿاڻي تي ڏنو آهي.