سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ ٻن الڳ الڳ واقعن ۾ نوجوان ۽ شاگرد پاران خودڪشي جي ڪوشش ڪئي وئي. سڪرنڊ جي ڳوٺ الھورايو مگسي ۾ 22 ورهين جي نوجوان امير بخش مگسي گھرو اڻبڻت تان زھريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي نوجوان جي ڀاءُ الھبچايو مگسي ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ جي اڄ صبح جو پنهنجي گهر واري سان معمولي ڳالهه تان منھن ماري ٿي هئي جنھن کان پوءِ هن زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. ٻئي واقعي ۾ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ نظر محمد انڙ ۾ نائين ڪلاس جي شاگرد اوشاق علي ولد چنڱل انڙ گهر وارن پاران گاڏي نه ڏيڻ تان جيت مار دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي تعلقي اسپتال داخل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران ٻنهي جي زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.