حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد پوليس پاڻ کي حساس اداري جو عملدار  سڏرائي شهرين سان فراڊ ڪندڙ هڪ شخص کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار اشرف الدين جي قبضي مان کين اداري جو جعلي ڪارڊ ۽ دستاويز به مليا آهن. ايس ايڇ او اسلم پرويز ابڙي جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل شخص شروعاتي طور اعتراف ڪيو آهي ته حساس اداري جو عملدار سڏائي شهرين کي نوڪريون ڏيارڻ ۽ ٻيا معاملا حل ڪرائڻ بدلي رقم وٺندو آهي.