گمبٽ (ن پ ا) ”گمبٽ شهر ۾ بجليءَ جي غيرقانوني لوڊشيڊنگ ڇو ڪئي پئي وڃي؟ مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏيڻ تي ٿرڊ سول جج سعيد احمد شيخ ايل ايس گمبٽ عبدالوحيد شيخ کي  لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو، ايس ڊي او جي خاطري بعدآزاد. گذريل ڏينهن شهريءَ جي درخواست تي ٿرڊ سول جج سعيد احمد شيخ سيپڪو ايل ايس عبدالوحيد شيخ کان پڇاڻو ڪيو ته شهر ۾ بجليءَ جي غيرقانوني لوڊشيڊنگ ڇو جاري آهي؟ ان تي مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏيڻ تان عدالت ايل ايس کي گرفتار ڪرائي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو. بعد ۾ ايس ڊي او سيپڪو عبدالقدير ڪانهر عدالت کي خاطري ڏياري ته شهر ۾ بنا جواز لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي. اهڙي خاطري بعد ايل ايس کي آزاد ڪيو ويو. ٿرڊ سول جج لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته بجلي بند هئڻ ڪري آفيس ڪم ڪار ۾ تڪليفون درپيش آهن. ڏيڍ مهيني کان بجليءَ جي لوڊشيڊنگ سبب شهري پريشان آهن. بجليءَ جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي.