اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل به جاري ڪري ڇڏيا آهن، جاري  ڪيل تفصيلن مطابق پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز شريف 41 ڪروڙ 43 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، حمزه شهباز 13 ڪروڙ 64 لک ماليت جا 11 رهائشي گهر، 3 ڪروڙ 57 لک رپين جي زرعي زمين اثاثن ۾ ظاهر ڪئي آهي، هن پاڻ کي 9 ڪروڙ 71 لک رپين جو قرضي به ظاهر ڪيو آهي، حمزه شهباز شريف جي پهرين گهرواري مهر النساءَ 50 لک رپين ۽ ٻي گهرواري رابعيه حمزه 3 ڪروڙ 74 لک رپين جي اثاثن جي مالڪ آهي، پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير عثمان بزدار 5 ڪروڙ 80 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، عليم خان هڪ ارب 70 ڪروڙ، ميان محمود الرشيد 18 ڪروڙ، اسپيڪر پنجاب اسيمبلي 23 ڪروڙ 14 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي، پرويز الاهي 6 ڪروڙ 78 لک جي غير زرعي زمين، 99 لک رپين جي ماليت جي فلور مل ظاهر ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي گهرواري جي نالي تي 10 ڪروڙ رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن، پنجاب اسيمبلي جو اپوزيشن ليڊر سبطين خان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي، صوبائي وزير اويس لغاري 44 ڪروڙ رپين جي اثاثن جو مالڪ، حنا پرويز بٽ پاڻ کي 9 ڪروڙ 94 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ڪندي 2 گهر تحفي ۾ مليل ظاهر ڪيا آهن، جن جي هن ماليت ظاهر ناهي ڪئي، ثانيه عاشق 25 لک، عظميٰ بخاري 24 لک، ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي دوست محمد مزاري 2 ڪروڙ کان وڌيڪ، ڊاڪٽر ياسمين راشد به 2 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثن جي مالڪ ظاهر ٿي آهي.