لاهور (م ڊ) احتساب عدالت آشيانه اقبال ۽ رمضان شوگر ملز ڪيسن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، جڏهن ته نيب پاران درخواست جي مخالفت ڪئي وئي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين خلاف نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ٿي، وزيراعظم شهباز شريف طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جڏهن به عدالت طلب ڪيو ويو پنهنجي حاضري يقيني بڻائي، اهو منهنجو فرض به آهي ۽ ذميواري به، هاڻي منهنجن ڪلهن تي تمام وڏي ذميواري آهي، قومي ذميواري جي ادائيگي لاءِ حاضري کان مستقل ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي. وزيراعظم شهباز شريف آشيانه هائوسنگ اسڪيم ريفرنس تي ٻڌڻي دوران لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، نيب طرفان شهباز شريف کي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏيڻ جي مخالفت ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڏنل حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست جي نيب مخالفت ڪئي، نيب پراسيڪيوٽر چيوته شهباز شريف کي مستقل حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ جا سبب واضح ناهن، شهبازشريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ۾ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به ناهي ڏنو ويو. ان دوران شهباز شريف روسٽم تي اچي عدالت ٻڌايو ته مون ڪڏهن به بنا سبب حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ناهي ڪرائي، عدالت جي حڪمن تي پيش ٿيندو رهيو آهيان، الله سائين وڏي ذميواري سان نوازيو آهي، قومي ذميواريون نڀائڻ لاءِ مستقل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني آهي. وزيراعظم شهبازشريف فاضل جج کي ترقياتي ڪمن تي ٻڌل ڪتابچو ڏنو ۽ چيو ته مون تي 15 ڪروڙ رپين جو نالو ٺهرائڻ جو الزام آهي، اهڙا ڪروڙين رپين جا نالا مون سڄي پنجاب ۾ ٺهرايا، منهنجي ترقياتي ڪمن جون حقيقتون اوهان جي سامهون آهن، مونکي 18،15 ڪروڙن جي ڪرپشن ڪرڻي هجي ها ته هي ڪم نه ڪريان ها. نيب پراسيڪيورٽر فاضل جج کان شڪايت ڪندي چيو ته مون وٽ اهو ڪتابچو ناهي جج صاحب، شهبازشريف پراسيڪيوٽر کي جواب ڏنو ته ڀاءُ هي وٺو، اوهان پڙهي به وٺجو. شهبازشريف جو چوڻ هو ته 14، 2015ع ۾ هڪ صوبي ڪمند جي قيمت گهٽائي ڇڏي، مونکي قيمتون گهٽ ڪرڻ جو چيو ويو پر مون ڪمند جون قيمتون نه گهٽايون، ڪمند جي قيمت مقرر ڪرڻ وقت شگر ملز بدران آبادگارن جي مفادن کي ڏٺو. فاضل جج وزيراعظم کي چيو ته لڳي ٿو اوهان کي هي ڪتابچو مون کان سڄو اڄ ئي پڙهائڻو آهي، شهبازشريف چيو ته ايئن ناهي، آئون صرف ٻن منٽن ۾ دليل مڪمل ڪري رهيو آهيان، مونکي آءِ ايم ايف وفد ۽ انٽرنيشنل وفدن سان ملاقاتون به ڪرڻيون هونديون آهن. عدالت شهبازشريف کي عدالتي ڪمري مان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن تي وزيراعظم عدالت مان روانو ٿي ويو، ان کانپوءِ عدالت وزيراعظم شهبازشريف جي حاضري کان مستقل حاضري ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.