ڪڪڙ ( ن پ ا) ڪڪڙ ويجھو ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب انٽر جي شاگردياڻي فوت ٿي وئي. ڪڪڙ ۾ برھماڻي موڙ وٽ  اوچتو  ڊرائيور کان ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ ڪري ڪار ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي دوران دادو واسي انٽر جي شاگردياڻي اريبا جوڻيجو ولد منير جوڻيجو نوجوان علي حماد جوڻيجو سندس والد اظھر سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا سمورا زخمي وارث تعلقي ڪي اين شاه ۽ دادو اسپتال منتقل ڪيا ويا جتي دادو اسپتال ۾  انٽر جي شاگردياڻي اريبا جوڻيجو زخمن جا تاب ن سھندي فوت ٿي وئي وارثن طرفان شاگردياڻي جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪندي گھر کڻائي ويا نياڻي جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. زخمين جي حالت خطري کان ٻاھر آھي. دادو واسي ڪار سوار ڪڪڙ ۾ ھاء سيڪنڊري اسڪول ڪڪڙ ۾  انٽر جي امتحان جو پرچي تي آيل ھئي امتحان ڏيڻ بعد  واپس دادو وڃي رھيا ھئا ت ڪڪڙ ۾ حادثو پيش آيو.