مقصودورند (ن پ ا) مقصودو رند لڳ ڳوٺ خان رند جو 20 سالن جو نوجوان حاڪم علي رند ولد الهداد رند گذريل پنجن ڏينهن کان گم ٿي ويو. جنھن ڪري سندس وارث سخت پريشان آهن جڏھن ته سندس مائٽن پاران ڳولا جاري آهي پر نينگر جو ڪوبه اڃا تائين ڏس پتو نه پئجي سگهيو. جڏھن ته نينگر جي والد الهداد رند پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته منھجو پٽ شھر مقصودو رند لڳ درگاهه سخي سلطان فقير لاشاري تي زيارت ڪرڻ ويو هو دماغي توازن درست نه هئڻ سبب خبر ناھي ڪھڙي گاڏي ۾ چڙھي ويو ۽ گم ٿي ويو آهي جنھن ڪري اسان سخت پريشان آھيون.