ٽنڊوالھيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جھيڙي جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ ڪري پيرسن قتل ٿي ويو. ان ڏس ۾ ٽنڊو الهيار ٿاڻي جي حد لڳ ميرواھ روڊ تي واقع ڳوٺ مستي ڪالرو ۾ گذريل رات دير سان ڪالرو برادري جي ماڻهن ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھ تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لٺين ۽ سروٽن آزاداڻو استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 50 سالن جو پيرسن اسحاق ڪالرو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي مقامي پوليس جي نااهلي سبب لوڊر رڪشا ۾ سوار ڪري سندن وارث سول اسپتال ٽنڊو الهيار کڻائي وڃي رهيا هئا ته هن زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي معلوم ٿيو آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ شام جي وقت جھيڙو ٿيو هو، بعد ۾ ڪالرو برادري جي معززن ڌرين کي سمجهائي کير کنڊ ڪري جھيڙي کي ختم ڪرائي ڇڏيو هو.