کپرو (ن پ ا) کپرو جي جامع مسجد کپرو جي گيٽ وٽ اڻ ڄاتل همراهه جو لاش هٿ. کپرو جي سبزي منڊي وٽ جامع مسجد جي گيٽ وٽ 35 ورهين جي اڻ ڄاتل شخص جو لاش هٿ آيو، هتي موجود نمازين موجب هي بيمار ڪو فقير هو جيڪو خيرات گهرندو هو پاڻ کي ڪمانڊو چوندو هو ميرپورخاص جي علائقي جرواري شاخ واري پاسي جو ٻڌائيندو هو، ٻي پاسي اطلاع تي ڊي ايس پي کپرو پير الله رکيو قريشي پهچي فوتي جو مڙهه ضروري ڪاروائي لاءِ تعلقي اسپتال کپرو منتقل ڪري ڇڏيو.