اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد اعظم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين خلاف پارڪ لين ريفرنس ڪيس ۾ گواهن جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جو عمل جاري رکندي آصف علي زرداري، غني مجيد ۽ ٻين جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران نيب جي گواهه نبيل طهورٿ جو بيان ريڪارڊ ڪيو ويو ۽ گواهه پاران عدالت ۾ پيش ڪيل دستاويزن کي ريڪارڊ جو حصو بڻايو ويو