اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي برطرفي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل ڪاز لسٽ مطابق جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي اپيل تي ٻڌڻي 17 مئي تي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بنچ ڪندو. بنچ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس مظهر عالم ميان خيل ۽ جسٽس سجاد علي شاهه شامل آهن. سپريم ڪورٽ ساڳئي ڪيس ۾ اسلام آباد ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جون درخواستون به ساڳئي ڏينهن ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته سمورن ڌرين کي نوٽس جاري ڪيا ويا آهن.