واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ امڪاني جنگ جي خدشن کان خبردار ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڊگهي جنگ ۾ الجهي سگهن ٿا، ٻنهي مان ڪوبه ڌر نه ٿو چاهي. هي جائزه هر 4 سالن بعد پيش ٿيندڙ آمريڪي حڪومت جي نيشنل انٽيليجنس ڪائونسل جي گلوبل ٽرينڊز رپورٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪا رپورٽ واشنگٽن ۾ جاري ڪئي وئي آهي، اربع 7 اپريل تي جاري ٿيل رپورٽ ۾ مستقبل قريب ۽ بعيد ٻنهي تي ڌيان ڏنو ويو آهي ۽ هي رپورٽ سان پاليسي ٺاهيندڙن کي ايندڙ 5 کان 10 سالن ۾ دنيا جي امڪاني قوتن جي حوالي سان اڳڪٿي ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي آهي. رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان وڏي پيماني تي جنگ ۾ الجهي سگجهن پيا جيڪي ڪابه ڌر نه ٿا چاهين، خاص طور تي هڪ اهڙي دهشتگرد حملي بعد جنهن کي ڀارتي حڪومت اهم قرار ڏيندو آهي. هن رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪجهه عسڪريت پسند تنظمين پاران حملي ڪرڻ جي صلاحيت سبب، اهڙي حملي تي نئين دهلي پاران اسلام آباد خلاف ڪارروائي جو عزم ۽ پاڪستان جو پنهنجي دفاع جو عزم ايندڙ پنج سالن م برقرار رهي سگهي ٿو يا وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي حڪومتن جا غلط اندازه ان حوالي سان خرابي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، جهن کي اهڙي سطح تي محدود رکيو ويو آهي، جنهن کي هر ڌر سمجهي ٿي ته اها ان کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندي، هن رپورٽ ۾ واشنگٽن ۾ موجود پاليسي سازن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته مڪمل جنگ اهڙو نقصان پهچائي سگهي ٿي، جنهن جا معاشي ۽ سياسي اثر ورهين تائين پوندا، رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته افغانستان ۾ آمريڪي پاليسي ۽ پاڙيسري ملڪن تي ان جا اثر ڏکڻ ايشيا جي غيريقيني صورتحال ۾ سرفهرست آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ سال ۾ افغانستان ۾ کنيا ويندڙ قدمن جا پوري خطي ۽ خاص طور پاڪستان ۽ ڀارت ۾ نمايان نتيجا نظر ايندا. آمريڪي انٽيلجنس رپورٽ ۾ اندازو لڳايو ويو آهي ته ڀارت ۽ چين به ان تڪرار طرف وڃي سگهن ٿا، جنهن جي خواهش ڪابه حڪومت نه ٿي رکي، خاص طور جيڪڏهن تڪراري سرحد جي اهم حصي تي فوجين تيزي سان ڪنهن تڪرار ۾ هڪٻئي کي چيلنج ڪيو.