لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين پٽ علي ترين سوڌو شيئر هولڊرز سان فراڊ ڪيس ۾ ايف آءِ اي ۾ ڌار ڌار پيش، کائن ڏيڍ ڪلاڪ تائين پڇاڻو، خاندان جا 36 اڪائونٽ به منجمد ڪيا ويا. وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جهانگير ترين ۽ علي ترين کي شيئر هولڊرز سان مبينا طور فراڊ ڪرڻ ڪيس ۾ طلب ڪيو هو، ذريعن موجب ايف آءِ اي علي ترين کي صبح ساڍي 10 وڳي طلب ڪيو هو ۽ جهانگير ترين کي منجهد 3 وڳي طلب ڪيو هو، جڏهن ته ٻنهي کي گهربل رڪارڊ گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، علي ترين وڪيلن جي ٽيم سان گڏ ايف آءِ اي ۾ پيش ٿيو، جتي کائنس جاچ ڪئي وئي، بعد ۾ واپس روانو ٿي ويو، علي ترين کانپوءِ جهانگير ترين ايف آءِ اي ۾ ڏنل وقت تي پهتو، ايف آءِ اي جهانگير ترين کان ڏيڍ ڪلاڪ پڇاڻو ڪيو. جڏهن ته ايف آءِ اي پي ٽي آءِ ايم اين اي نصر الله دريشڪ جي انڊس شگر ملز کي به نوٽيس موڪلي ڇڏيو، ملز انتظاميا کي 15 اپريل تي طلب ڪيو ويو آهي.

لاهور (م ڊ) کنڊ سٽي باز مافيا ۽ جي ڊي ڊبليو ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جهانگير ترين ۽ سندس خاندان جا 36 اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا، ذريعن موجب 9 سرڪاري ۽ نجي بينڪن جهانگير ترين ۽ سندس خاندان جا 36 اڪائونٽ منجمد ڪيا. ذريعن ٻڌايو آهي ته ڄاڻايل اڪائونٽس ايف آءِ اي لاهور جي درخواست تي بينڪن منجمد ڪيا، اڪائونٽس جهانگير ترين گروپس جي مبينا مني لانڊرنگ، غيرقانوني شيئرز جي خريد ۽ وڪري، فراڊ ۽ سٽي مافيا سان تعلق هجڻ تي منجمد ڪيا ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪي اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا، ان ۾ علي ترين جا 21، جهانگير جا 14 ۽ سندس گهرواري آمنه ترين جو هڪ اڪائونٽ شامل آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ هو ته منجمد اڪائونٽس ۾ ڪروڙين رپين جي رقم موجود آهي.