ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪورنگي ڪراسنگ تي اڏيل شادي هال نه ڊاهڻ خلاف درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو . ڪالهه ٻڌڻي دوران شادي هالن جي مالڪن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته قانون موجب ڪاميٽي رهائشي پلاٽن کي ڪمرشل ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن تي عدالت چيو ته ڪمرشلائيزيشن جو به ڪو طريقيڪار هوندو آهي، ائين ته نٿو ٿي سگهي جو ڪاميٽي چئي ڇڏي ته اڌ ڪراچي ڪمرشلائيز ڪئي وڃي، جنهن تي شادي هالز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ٽائون پلاننگ ۾ وقت بوقت زمين جي حيثيت تبديل ٿيندي آهي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته رهائشي زمين ته ڏيڍ سئو سالن تائين رهائشي ئي رهندي آهي، رهائشي علائقي ۾ پاڻي ۽ ٻيون سهولتون ماسٽر پلان مطابق ڏنيون وينديون آهن، جنهن تي شادي هالز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي جي 26 علائقن کي ڪمرشل ڪيو ويو آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ائين ته سموري ڪراچي ڪمرشل ٿي وئي، رهجي ڇا ويو آهي؟ عدالت چيو ته پوري ڪراچي جو انفراسٽرڪچر ئي بدلجي ويو آهي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته شادي هالز جي وڪيل انور منصور جو چوڻ درست آهي، جنهن تي عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان انور منصور جي دليلن سان اتفاق ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته نه مان مخالفت ڪري رهيو آهيان، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو .عدالت جهيل پارڪ لڳ فلاحي پلاٽن تي قبضي خلاف ڪي ايم سي پاران داخل ڪيل درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي فلاحي پلاٽن بابت معاملو جيئن جو تيئن رکڻ هدايت ڪندي پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو. ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جهيل پارڪ لڳ فلاحي پلاٽن کي پي اي سي ايڇ ايس سوسائٽي جي رهواسين رهائشي مقصدن لاءِ تبديل ڪيو آهي، جڏهن ته فلاحي پلاٽن کي رهائشي مقصدن لاءِ تبديل ڪرڻ قانون جي خلاف آهي. هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ فلاحي پلاٽن جي الاٽيز جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي، جهيل پارڪ لڳ فلاحي پلاٽن تي قبضو ٿيل آهي. عدالت کي گذارش آهي ته فلاحي پلاٽن کي رهائشي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي.