گمبٽ (ن پ ا) سڳيون جي ڳوٺ منٺار چنو واسي پيرسن عورت زيبا خاتون ۽ نوجوان بلوچ چنو احتجاج ڪندي چيو ته تاجن چني 10 سال اڳ منهنجي پٽ 10 سال جي انور چنو کي اغوا ڪري ويا هئا، اڃا بازياب ناهي ٿيو، تاجن چنو ڪڻڪ ٽرالي چوري جي الزام ۾ سڳيون پوليس هٿان هراسا ڪري رهيو آهي، پوليس گهر تي چڙهائي ڪئي پر اسان گهر خالي ڪري ٻاهر هليا وياسين هنن لڙڪ لاڙيندي وڌيڪ چيو ته جوابدار تاجن چنو ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي ۽ ان جو ڏوهاري ماڻهن سان واسطو آهي ڪيترائي ڀيرا دانهيو آهي پر ڪوبه دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، پٽ انور چني کي جوابدار وٽان بازياب ڪرائي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.