لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڀينس ڪالوني واسي معذور پيرسن غلام حسين چاولي مالي سهائتا لاءِ احتجاج ڪيو. هن چيو ته هٿن ۽ پيرن کان معذور ٿيڻ کان بعد هو ڪو به ڪم ڪار نٿو ڪري سگهي، جنهن ڪري گهر جو ڪرايو به نٿو ڀري سگهان. هن سرڪار ۽ سرندي وارن کي مالي سهائتا جي اپيل ڪئي.