پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي پريس ڪانفرنس دوران رانڀاٽا ڪري روئي ڏنو، سندس چوڻ ھو ته نامعلوم نمبر تان منھنجي ۽ گهرواري جي پرائيويٽ وڊيو موڪلي وئي آهي

 

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڄ توهان کي ٻڌائڻ آيو آهيان ته اسان جو ملڪ ڪيترو اڳتي وڌي ويو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ مون چيو ھو ته ڪڏهن به ڪرپشن ناهي ڪئي، منهنجي ڪا به غير اخلاقي وڊيو طاقتور حلقن وٽ نه هوندي، پر مان غلط ھئس

پريس ڪانفرنس دوران اعظم سواتي لڙڪ لاڙي ويٺو، هن چيو ته مونکي پاڻ سان ٿيل ورتاءُ پنهنجي قوم جي ڌيئرن ۽ ڀينرن سان شيئر ڪندي شرم اچي ٿو

هن دعويٰ ڪئي ته گذريل رات سندس زال کيس فون ڪري زور زور سان روئي رهي هئي ۽ سندس آواز ٻاهر نه پيو نڪري مون سمجهيو ته ڪنهن منهنجي پوٽي کي ماري ڇڏيو آهي، مون کانئن بار بار روئڻ جو سبب پڇيو پر هو ڪجهه به نه چئي سگهيا

اعظم سواتي موجب مون پنهنجي ڌيءَ کي آمريڪا فون ڪري چيو تھ پنھنجي ماءُ کان پُڇي تھ مسئلو ڇا آھي؟ ان تي منهنجي ڌيءَ ٻڌايو ته ڪنهن کيس اڻڄاتل نمبر تان اعتراض جوڳي وڊيو موڪلي آهي

اعظم سواتي جو چوڻ هو ته ان تي مون چيو ته 13 آڪٽوبر تي جڏهن مون کي کنڀيو ويو ته هنن منهنجي وڊيو ٺاهي ۽ اڄڪلهه جعلي وڊيو ٺاهڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي

پاڪستان طرفان اعظم سواتي جي گهر واري کان معافي گهران ٿو: عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ھو پاڪستان طرفان اعظم سواتي جي گھر واري کي پھتل ڏک، تڪليف، بي عزتي  تي معافي گھري ٿو

اعظم سواتي سان جيڪو ٿيو اهو سمورن قدرن جي ڀڃڪڙي آهي: عمران خان

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اعظم سواتي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيف جسٽس آف پاڪستان کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته پاڪستان انساني وقار، خاندان جي عزت، چادر ۽ چارديواري جي اسلامي اخلاقي قدرن تي وجود ۾ آيو، رياست جي هٿان اعظم سواتي سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو انهن سڀني قدرن جي ڀڃڪڙي آهي

عمران خان وڌيڪ چيو تھ اعظم سواتي کي حراست ۾ رکڻ کان وٺي تشدد ڪرڻ تائين ۽ هاڻي اها وڊيو جيڪا غير اخلاقي آھي، اُھا موڪلڻ ظلم آھي

ھڪ آفيسر فون ڪري چيو تھ وڊيو سان اسان تعلق ناھي: مصطفيٰ نواز کوکر

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر اعظم سواتي سان ٿيل واقعي تي ڏک جو اظھار ڪندي ڪاوڙ بھ ظاھر ڪئي، سندس ٽوئٽ بحث جو موضوع بھ بڻيل آھن

ھن لکيو تھ آءِ ايس آءِ جي هڪ برگيڊيئر جو فون ڪيو تھ اسان جو وڊيو سان ڪو به تعلق ناهي ۽ اها ڊارڪ ويب تي تيار ڪئي وئي آهي، مون کيس چيو ته سينيٽر سواتي کي سمجهايو، مون کي نه، مان پنهنجي ساٿي سان گڏ بيٺو آهيان جيئن فوج ميجر جنرل فيصل نصير سان بيٺي آهي

پيپلز پارٽي جي مصطفيٰ نواز کوکر ٽوئيٽ ڪيو تھ: اعظم سواتي صاحب جي هي ڪلپ سينيٽ چيئرمين ۽ سمورن پارليامينٽرين جي منهن تي چماٽ آهي، مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته اسان جا عقلمند ماڻهو ايترا بي عزتي ڪندا ۽ اسان جي مذهبي ۽ سماجي اخلاقيات کي هن طرح پکيڙيندا، ڪنهن جي به عزت محفوظ نه آهي