خيرپور/ڪنب  (نمائندن وٽان) پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ جي آبادگارن کي ٻج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو، في ايڪڙ تي پنج ھزار رپيا ٻج جي رقم ٿئي ٿي، جيڪا رقم آبادگارن ۽ ھارين کي روڪ ڏني ويندي، برسات دوران 10 کان 15 لک گھر مڪمل تباھ ٿي ويا آھن جن کي 3 لک رپيا في گھر تي ڏنا ويندا، گھرن جو نقشو ھڪ ئي ھوندو شروعات ۾ 50 ھزار رپيا متاثر گھر کي ڏنو ويندو، نقشي تي عمل نه ڪندڙ کي وڌيڪ پيسا نه ڏنا ويندا، وساڻ هائوس خيرپور ۾ برسات متاثر ماڻهن سان ملاقات ۽ مسئلن جي حل لاءِ گڏجاڻي دوران ڳالهائيندي منظور حسين وساڻ وڌيڪ چيو ته  عمران خان کي سنڌ جي ماڻھن پاران ڪابه موٽ نه ملندي، نومبر مهينو اھم آھي 29 نومبر تائين عمران خان ۽ سياست لاءِ بھتر ڏينھن نظر نٿا اچن، 15 نومبر تائين ڪجھه به ٿي سگھي ٿو، عمران خان مارچ اسلام آباد تائين وٺي وڃڻ نٿو چاھي، ڪو نه ڪو بھانو ڪري مارچ اوچتو ختم ڪري سگھي ٿو.