ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مڇرڪالوني ۾ ٻن ملازمن جي مارجڻ واري  واقعي جي جاچ لاءِ 4 رڪني جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي. ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪاميٽي جو سربراهه ايس پي انويسٽيگيشن ڪياماڙي شمائل رياض ملڪ هوندو، جڏهن ته ايس پي انويسٽيگيشن سائوٿ زاهده پروين، ڊي ايس پي انويسٽيگيشن زبير الاسلام ۽ ايس آءِ او ڊاڪس ميمبر طور شامل هوندا، ڪاميٽي  روزاني بنيادن تي ٿيندڙ اڳڀرائين بابت ڊي آءِ جي سائوٿ کي آگاهه ڪندي ڪاميٽي واقعي جون حقيقتون ڄاڻي  اصل جوابدارن جو پتو لڳائيندي.