نواب شاهه (بيورو رپورٽ) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي نائب قاصد بشير چنڙ کي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي انتظاميا کيس جبري رٽائرڊ ڪري ڇڏيو. ملازم پاران عدالت وڃڻ جو اعلان، مون سان وائس چانسلر نا انصافي ڪئي آھي بشير چنڙ جون روزاني پنهنجي اخبار سان ڳالهيون. بشير چنڙ وڌيڪ چيو ته منھنجو ڪو به قصور ناھي 14 سال يونيورسٽي ۾ ڊيوٽي ڪئي آھي انتظاميا جبري رٽائرڊ ڪيو آھي. مونکان اڇي پني تي رڳو صحيح ورتي وئي مون سان انصاف ڪيو وڃي. اڳ به ھڪ ملازم کي ڪڍيو ويو ھاڻي مون کي زبردستي رٽائرڊ ڪيو ويو آھي. هن چيو ته مون سان انصاف نه ٿيو ته عدالت سڳوريءَ ۾ ويندس. ٻئي پاسي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي چيف سيڪيورٽي آفيسر عطا چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان ھن کان اڇي پني تي صحيحون ناھن ورتيون ھي گوسڙو ملازم آھي پنجن ستن سالن کان گسائيندو ايندو آھي ھن خلاف انڪوائري ويھاري وئي انڪوائري ڪاميٽي ھن کي رٽائرڊ ڪيو آهي.