ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ آسودو اڄڻ ۾ اڄڻ ۽ گوپانگ برادري ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙو ٿي پيو، جان محمد، گلاب اڄڻ، مسمات آمنا۽ مٺل اڄڻ سخت زخمي ٿي پيا. متاثرن پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته عباس گوپانگ، ارشاد علي، اجو گوپانگ مال جي ڀيل جو جواز ڄاڻائي لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري ٻن عورتن سميت چئن ڄڻن کي زخمي ڪيو، پوليس ليٽر بعد زخمين کي ڪوٽڏيجي اسپتال پهچايو، جتان حالت تشويش ناڪ ھئڻ ڪري کين خيرپور سول اسپتال ريفر ڪيو ويو.