پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي ڪچي گوٺ بکو مھر ۾ مھر برادري ۾ ھلندڙ ڪارنھن تڪرار ٻيھر ڪر کنيو، فائرنگ ۾ ھڪ نوجوان رحمت مھر مارجي ويو، جڏھن ته ٻيو نوجوان امجد مھر زخمي ٿي پيو، پوليس نوجوان جو لاش ۽ زخمي نوجوان کي تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتا جتان پوسٽ مارٽم بعد وارث کڻائي ويا، مقتول جي وارثن الزام ھڻندي چيو ته جوابدارن گھٽ وٺي فائرنگ ڪري اسانجي ھڪ نوجوان ماري ٻي کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا آھن ، جڏھن ته رضا ڳوٺ پوليس جو چوڻ آھي ته ڌرين ۾ ڪارنھن جي پراڻي تڪرار تان جھيڙو ھلندڙ ھو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪريون پيا وارثن جي اچن تي ايف آئي آر داخل ڪنداسين ۽ وڌيڪ جاچ پڻ ڪريون پيا.