ڳڙهي حسن (ن پ ا) ڳڙهي حسن ۾ ٻه مهينا اڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل نوجوان فرحان سرڪي جي وارثن ڀاءُ غلام ياسين سرڪي، چاچي اسلام، احسان، آصف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾سردار واحد بخش سرڪي چوڪ کان ريلي ڪڍي دوڙ جي نصرالله موڙ تي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس فرحان سرڪي جي قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار رشيد سرڪي کي گرفتار نه ٿي ڪري.